ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ماڻهن جي گمشدگين کي هاڻي وڏو مسئلو بڻايو ويو آهي، انهن بابت پتو لڳائڻ تمام مشڪل آهي.  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي بهتري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. جنهن کي مخالف ڌر کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿئي ته بهتر آهي.  80 سيڪڙو گم ٿيلن جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي. ادارن تي الزام لڳائڻ درست ناهي.