اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ ۽ عطا تارڙ چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي 2300 ڪيسن جو معاملو حل طلب آهي وزيراعظم جي هدايت تي اِهو معاملو حل ڪيو پيو وڃي، هي چئن ڏهاڪن جو مسئلو آهي عدالتي حڪمن تي رات پيٽ ۾ حل نٿو ٿي سگهي. ٻنهي طرفن کان ڪجهه نه ڪجهه مسئلا آهن، ادارن جي ملوث هجڻ کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي. اِها ڳالهه قانون واري فاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ سڌ سماءُ واري وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حڪومتي ۽ عسڪري ڌرين ۾ بحث هيٺ آهي، پاڪستان چئن ڏهاڪن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو دهشتگردي سان جڙيل آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پهريون ڀيرو پ پ حڪومت ۾ آواز اُٿاريو ويو جنهن کانپوءِ 10 هزار ٻه سئو ڪيس ڪميشن ۾ ويا جن مان اٺ هزار کان وڌيڪ ڪيس حل ٿيا. سندس چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جي 2300 ڪيسن جو معاملو حل طلب آهي، وزيراعظم جي هدايت تي گم ٿيل ماڻهن جو معاملو حل ڪيو پيو وڃي، چئن ڏهاڪن تي ٻڌل مسئلو عدالتي حڪمن تي رات پيٽ ۾ حل نٿو ٿي سگهي. سڌ سماءُ واري وزير عطا تارڙ چيو ته ملڪ ۾ شهيدن جي وارثن جا سخت خدشا آهن، 2011ع ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن ٺهي، گم ٿيل ماڻهن جا رڳو 23 سيڪڙو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي، اي سي ايل بابت قانون موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت وٽان جيڪا سمري ايندي آهي ڪابينا قاعدن موجب ان تي فيصلو ڪندي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ڪنهن ڊيل جو حصو ناهي