پب جي گيم تي محبت: ڪوٽڏيجي جي ناري ڀارت پهچي وئي، ٻارن سميت گرفتار

0
838

خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ڪوٽڏيجي جي رهواسڻ 29 ورهين جي مسمات سيما آن لائن پب جي گيم دوران ڀارتي نوجوان سان رابطو ٿيڻ بعد ڀارت پهچي وئي

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته چار ٻارن جي ماءُ سيما پنهنجي ٻارن سميت ڪراچي کان دبئي، دبئي کان نيپال ۽ نيپال کان ڀارت پهچي وئي

سيما پنهنجي مڙس جو گهر وڪرو ڪري ڀارت وئي، جڏهن ته ڀارت ۾ غير قانوني طور رهائش اختيار ڪرڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ڀارتي ميڊيا موجب سيما ۽ سندس چار ٻار ڀارتي جيل ۾ آهن

سيما ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مڙس مون کي ڇڏي چڪو آهي ان طلاق ڏني آهي، 2019ع ۾ هو اسان کي ڇڏي هليو ويو هو، هن ٻڌايو ته سچن نالي نوجوان سان پب جي گيم تي رابطو ٿيو، ان بعد پيار ٿي ويو

سيما جو مڙس سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندو آهي ۽ جيڪب آباد جو رهواسي آهي، سيما جي مڙس پاڪستان حڪومت کان نوٽيس وٺي مطالبو ڪيو آهي ته منهنجا ٻار واپس ڪرايا وڃن

سيما جي مڙس غلام حيدر چيو آهي ته منهنجي گهرواري جو پب جي تي انڊيا جي نوجوان سان رابطو ٿيو، کيس ورغلائي ڀارت گهرايو ويو، منهنجا  چار ٻار هڪ پٽ ۽ 3 نياڻيون به هن سان گڏ آهن، منهنجا ٻار منهنجي حوالي ڪيا وڃن، ياد رهي ته سيما 2014 ۾ غلام حيدر سان پسند جي شادي ڪئي هئي

هي به پڙهندا

اسرائيل ۾ غيرقانوني طور نوڪري ڪندڙ ميرپور خاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ئي گرفتار