اسرائيل ۾ غيرقانوني طور نوڪري ڪندڙ ميرپور خاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ئي گرفتار

0
471
اسرائيل ۾ غيرقانوني طور نوڪري ڪندڙ ميرپور خاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ئي گرفتار
اسرائيل ۾ غيرقانوني طور نوڪري ڪندڙ ميرپور خاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ئي گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي ڪراچي ايئر پورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي اسرائيل ۾ غيرقانوني نوڪري ڪندڙ ميرپور خاص واسي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ايف آءِ اي ترجمان جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل ميرپورخاص  جي هڪ ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي موجب نعمان صديقي، ڪامل انور، ڪامران صديقي، محمد ذيشان ۽ محمد انور کي گرفتار ڪري ورتو

گرفتار ڪيل جوابدارن جو تعلق ميرپورخاص سان آهي جوابدار اسرائيل جي شهر تل ابيب ۾ هيلپر ۽ ڪار ڌوئڻ طور نوڪري ڪندا هئا ۽ 4 کان 7 سالن تائين تل ابيب ۾ رهيل هئا انهن اسرائيلي ايجنٽ ذريعي تل ابيب ۾ غيرقانوني طور پهچي رهائش اختيار ڪئي ۽ ايجنٽ کي في شخص 3 کان 4 لک رپيا ڏنا هئا

ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار شينگن ويزا تي جارڊن ايئرپورٽ کان اسرائيل داخل ٿيا هئا ۽ ويسٽرن يونين ذريعي پاڪستان رقم اماڻيندا هئا، جوابدار ترڪي، ڪينيا ۽ سريلنڪا واري رستي کان به جارڊن ايئرپورٽ پهچي اسرائيل ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن

ايف آءِ اي موجب جوابدار وطن واپسي لاءِ دبئي واري رستي جارڊن ايئرپورٽ کان ڪراچي پهتا هئا ته کين گرفتار ڪري ورتو، پاسپورٽ قانون ۽ اميگريشن آرڊينينس تحت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن ڄڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

هي به پڙهندا

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف دبئي کان سعودي عرب پهچي ويو