هڱورجا ويجهو اغوا ٿيل معصوم جعفر ڀٽو بازياب، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ

0
194
هڱورجا ويجهو اغوا ٿيل معصوم جعفر ڀٽو بازياب، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ
هڱورجا ويجهو اغوا ٿيل معصوم جعفر ڀٽو بازياب، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ

ھڱورجا (ن پ ا) ھڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد موريل ڀٽو مان 21 مارچ تي گھر ٻاھران راند ڪندي نامعلوم ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل 4 سالن جي معصوم نينگر جعفر ڀٽو کي پوليس ڪچي ۾ مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي

ان ڏس ۾  اي ايس آءِ گمبٽ  نعمان ظفرصديقي اھڙي تصديق ڪندي چيو آھي ته پوليس ٽيپاڻي بھليم ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل 4 سالن معصوم نينگر جعفر ڀٽو کي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرايو آھي

معصوم نينگر جعفر ڀٽو جي بازيابي واري خبر ڳوٺ محمد موريل ڀٽو ۾ پھچڻ تي خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي، جڏهن ته بک جاري بک هڙتالي ڪيمپ پڻ ختم ڪئي وئي آهي

هي خبر اڄ جي پنهنجي اخبار ۾ لڳي