اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وڌيڪ افغاني مهاجرن کي پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي وفاقي حڪومت جي فيصلي باوجود امڪاني طور تي افغانستان کان افغاني مهاجرن جي اچڻ لاءِ ٽن بارڊر ايرياز ۾ مهاجر ڪيمپون قائم ڪرڻ جي نشاندهي ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، تفصيل موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي افغاني مهاجرن جي اداري جي ڪمشنر عباس خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت وڌيڪ افغاني مهاجرن کي اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر افغانستان ۾ ڪنهن انساني الميي جي صورت ۾ پاڪستان افغاني مهاجرن جي امڪاني آمد لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، افغاني مهاجرن جي مامرن کي ڏسندڙ اداري جي ذريعن ٻڌايو آهي ته افغاني مهاجرن بابت اداري ٽن ڪراسنگ پوائنٽس جي ويجهو مهاجر ڪيمپن جي هنڌن لاءِ نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ طورخم بارڊر ويجهو ضلعي خيبر، غلام خان بارڊر جي ويجهو اتر وزيرستان ۽ چترال ۾ ارندو ڪراسنگ پوائنٽ تي ضرورت پوڻ تي ڪيمپو قائم ڪيون وينديون، ذريعن مطابق افغاني مهاجرن بابت قائم وفاقي حڪومت جي اداري افغانستان مان 5 کان 7 لک مهاجرن جي متوقع آمد لاءِ تياريون شروع ڪيون آهن، ياد رهي ته پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 لک کان وڌيڪ افغاني مهاجر سرڪاري رڪارڊ مطابق رهائش پذير آهن، جنهن ڪري وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو هو ته افغاني مهاجرن کي اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پر اهڙي فيصلي باوجود 7 لک افغاني مهاجرن کي رهائڻ لاءِ ڪيمپون قائم ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي.