ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان نئين حڪومت جي قيام لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، قطر ۾ افغان طالبان جي سياسي آفيس جي سربراهه ملا عبدالغني برادر سميت اهم سياسي اڳواڻن جي حڪومت سازي تي مشاورت جاري آهي، جڏهن ته مک طالبان اڳواڻ جلال الدين حقاني جو ڀاءُ خليل حقاني سخت سيڪيورٽي هيٺ افغان گهرو وزارت پهتو، خليل حقاني جي هٿ تي اتر اتحاد سميت افغانستان جي ڪيترن ئي معزز شخصيتن بيعت ڪئي. خليل حقاني افغان طالبان جي حقاني نيٽ ورڪ جي پهرين ٻن اهم ترين فرد مان هڪ آهي. افغان طالبان اڳواڻ خليل الرحمان حقاني چيو آهي ته طالبان جي آمريڪا سان دشمني نه هئي، آمريڪا خلاف بندوق ان ڪري کنئي جو هن اسانجي مذهب، ملڪ ۽ ثقافت سان زيادتي ڪئي، آمريڪا جيڪي هٿيار افغان سرزمين تي اسان خلاف استعمال ڪيا، هاڻ الله اهي ئي هٿيار مال غنيمت ۾ اسان کي ڏئي ڇڏيا آهن، نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسانجي دشمني نظام خلاف هئي، جيڪو هاڻ نه رهيو آهي، اشرف غني، امرالله صالح ۽ حمدالله محب سان دين جي بنياد تي دشمني هئي، هاڻ انهن سان ڪابه دشمني نه آهي، انهن کي عام معافي آهي، خليل الرحمان حقاني چيو ته سمورن ملڪن ۽ اسلامي ملڪن لاءِ پيغام آهي ته پنهنجي شهرين کي حق ڏين، هن چيو ته افغانستان کان ٻاهر ويندڙن لاءِ پيغام آهي ته اهي ملڪ ڇڏي نه وڃن، دشمن اوهان کي ڊيڄارين ٿا ته امارات اسلامي افغانستان اوهان کي سزائون ڏيندو، اسلام امن جو دين آهي، پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته افغانستان ۾ هڪ منظم نظام هوندو، ان ۾ سموريون تنظيمون هونديون، آمريڪا سان دشمني ۾ نه اڳ ۾ اڳرائي ڪئي ۽ نه هاڻ ڪنداسين، واضح رهي ته آمريڪا طرفان خليل الرحمان حقاني تي 50 لک ڊالر انعام رکيل آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ هڪ سينيئر طالبان اڳواڻ وحيد الله هاشمي چيو ته افغانستان ۾ اسلامي طرز جي حڪومت ۽ شرعي قانون لاڳو ٿيندو، جمهوري حڪومت نه هوندي، برطانوي اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ جمهوري نظام نه هوندو، حڪومت سازي لاءِ طالبان قيادت افغانستان ۽ قطر ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ٻئي طرف افغانستان ۾ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، طالبان قيادت ظالماڻي ورتاءَ ۽ ڏوهن ۾ ملوث طالبان جي احتساب جو به اعلان ڪيو آهي.