ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ لاءِ 26 رانديگرياڻين جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيمپ اڄ 17 اپريل تي ڪراچي ۾ لڳندي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته رانديگرياڻيون اڳ ئي هوٽل ۾ 7 ڏينهن قرنطينه ڪنديون. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب رانديگرياڻين کي بائيو سيڪيورببل ۾ وڃڻ لاءِ ڪورونا وائرس جون ٽيسٽ ڪليئر ڪرائڻيون پونديون. قومي وومين ٽيم 15 ڏينهن جي تربيتي ڪيمپ ۾ 26 رانديگرياڻيون شرڪت ڪري رهيون آهن.