ڪارتڪ آريان کي نخرا ڳچي ۾ پئجي ويا، فلم مان آئوٽ

0
426

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ نئين انٽري ڪارتڪ آريان کي فلم دوستانا 2 مان ڪڍيو ويو آهي، سندس جاءِ تي هاڻ ڪو ٻيو اداڪار ڪاسٽ ڪيو ويندو. ڌرما پراڊڪشن جي فلم دوستانا2 جون تياريون 2019ع ۾ شروع ٿيون هيون پر ڪورونا وائرس جي ڪري فلم جي شوٽنگ ملتوي ٿي وئي، اداڪاره جهانوي ڪپور جي سامهون ڪارتڪ آريان کي سائن ڪيو ويو هو پر هاڻ سندس خراب رويي جي ڪري کيس فلم مان ڪڍيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هن اسڪرپٽ ۾ تخليقي معاملن تي خدشا ظاهر ڪيا هئا. ڪرن جوهر ۾ ڪارتڪ ۾ به ان تي اختلاف هئا ۽ هو شوٽنگ لاءِ وقت به نه ڏئي رهيو هو. هاڻ ڌرما پروڊڪشن مستقبل ۾ به ڪارتڪ سان ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس جاءِ تي ڪير ڪاسٽ ٿيندو ان جو فيصلو اڃا نه ٿيو آهي.