پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 122 ارب 44 ڪروڙ 50 لک ڊالر جو اضافو

0
587
آمريڪي ڊالر وڌيڪ مهانگو

ڪراچي(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اقتصادي مامرن واري اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جو پرڏيهي قرض ۽ رهتون 122 ارب 44 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين پهچي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ اقتصادي مامرن ج جو اجلاس مير خان محمد جمالي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران اقتصادي مامرن جي عملدادرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2018 کان هن وقت تائين 3 سالن ۾ 26 ارب ڊالر کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2018 ۾ پاڪستان جو پرڏيهي قرض ۽ رهتون 96 ارب 6 ڪروڙ ڊالر، جون 2019 ۾ 106 ارب 25 ڪروڙ 60 لک ڊالر، جون 2020 ۾ 112 ارب 91 ڪروڙ 20 لک ڊالر، جون 2021 ۾ 121 ارب 39 ڪروڙ لک ڊالر هو جيڪو 31 2021 ۾ 122 ارب 44 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين پهچي ويو آهي.

اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پيرس ڪلب ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري 3 مرحلن ۾ پاڪستان کي 3 ارب 78 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرضن جي ادائگي ۾ رليف ڏنو، ان مان 2 ارب 97 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي پرنسپل رقم ۽ 81 ڪروڙ 40 لک ڊالر وياج جي رقم آهي.

اقتصادي مامرن واري ايڊيشنل سيڪريٽر ٻڌايو ته پيرس ڪلب پهرين مرحلي ۾ 4 سال، ٻئي مرحلي ۾ 6 سال ۽ ٽئين مرحلي ۾ به 6 سال جو رليف ڏنو.

ان دوران قومي اسيمبلي جي ميمبر قيصر شيخ چيو ته ڪورونا جي ڪري پيرس ڪلب جي طرفان قرضن تي جيڪو رليف ڏنو ويو ان وقت ڊالر اڄ کان 50 رپيو سستو هو،اسان کي نئين ايڪسچينج ريٽ جي موجب ادائيگر ڪرڻي پوندي.

ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ان ڪيميرا ۾ قرضن جي تفصيل طلب ڪندي ناڻي واري وزارت کي به طلب ڪري ورتو.