پاڪستان امن طرف وڌي رهيو آهي، ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي پئي: صدر

0
181
اسان ذميوار ايٽمي طاقت

ڪراچي (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال آهي، پاڪ چين دوستي هر مشڪل وقت ۾ آزمائي ويندي آهي

پاڪستان جي صدر چيو ته اسان امن ۾ رهڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته خطي جي خوشحالي جو دارومدار افغانستان ۾ امن تي آهي

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي جنهن سان ڀارت کي وڏو نقصان ٿيندو