نسله ٽاور ڪيس: بلڊر عبدالقادر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي ضمانت ۾ واڌ

0
225
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت نسله ٽاور غيرقانوني اڏاوت ڪيس ۾ بلڊر عبدالقادر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايم پي جي او ولايت خان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ 26 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي

عدالت جوابدارن جي 10، 10 لک روپين ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي، ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست جي واڌ تي فيصلو ٻڌايو ويندو

ڪيس ۾ ڪي ايم سي جا اڳوڻا ڊپٽي ڊائريڪٽرز وسيم ۽ نديم اڳ ئي گرفتار ٿيل آهن، جوابدارن جي خلاف فيرزو آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسله ٽاور غيرقانوني اڏاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو