کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) اڇڙي ٿر ۾ عرب شڪارين جي راکن جو پوليس سان گڏ گشت جاري، علائقي واسين ۾ خوف هراس، چڱن مڙس جي وچ ۾ پوڻ تي گرفتار ڪيل 8 ڄڻا آزاد، ڪيس ختم  نه ٿيا، خبر موجب اڇڙي ٿر ۾ عرب شڪارين جي راکن پاران احتجاج بعد ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي سوراهه پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، آزاد ڪيلن ۾ راڄڙ برادري جو چڱو مڙس علي محمد راڄڙ، سندس پوٽو برڪت علي، پيراڻو، سونهارو، خميسو، عبدالله، سالم راڄڙ سميت 8 ڄڻا شامل آهن، آزاد ڪيل ماڻهن کي گذريل رات ڳوٺ ڌاراري پهچايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن کي علائقي جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ پوڻ تي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مٿن داخل ڪيل ڪيس اڃا تائين ختم ناهن ڪيا ويا، ٻئي پاسي حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جي هدايت تي اڇڙي ٿر چوڪي جو مک احمد راڄڙ به سرٿاڻاهو تي قائم عربن جي ڪئمپ تي پهتو، جتي هن عربن جي راکن ۽ متاثر ماڻھن سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب مک ٻنهي ڌرين کان تفصيل معلوم ڪري مسئلا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ تي زور ڏنو، هوڏانهن اڇڙي ٿر ۾ عرب شڪارين ۽ راکن جي گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي، جنهن ڪري ڪالهه به مال وند ماڻهن کي ڏکائيون پيش آيون ۽ چوپايو مال چراگاهه وارن علائقن ۾ وڃي نه سگهيو، ڌنار پوليس جي خوف سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن، گاڏين جي گشت سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پڻ پکڙيل رهيو،