ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نظام الدين چوڌري موجب پاڪستان ٽيم هلندڙ سال ٽي-20ورلڊ ڪپ بعد 15 نومبر تي بنگلاديش جو دورو ڪندي، ان حوالي سان دوري کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. پاڪستاني ٽيم 6 سالن بعدبنگلاديش جو پهريون دورو ڪندي، ٻنهي ٽيمن ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو امڪان آهي.