ڪراچي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چيئرمين رميز راجا اعلان ڪيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽرز کوليا ويندا. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران رميز راجا چيو ته ماضي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪرڪيٽ ۾ نظر انداز ڪيو ويو، پر هاڻ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر کولينداسين، ڇوجو سنڌ مان ٽئلينٽيڊ نوجوان سامهون آيا، جن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي نوجوان پي سي بي جي نئين چيئرمين جي بيان جي آجيان ڪئي آهي.