ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊي محمد خان ويجھو نينگر بيدردي سان قتل ٿي ويو آهي، جنهن جوڪمند جي فصل مان ڪهاڙيون لڳل لاش هٿ آيو آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ڀرسان آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ امام بخش سونارو جي رهواسي 16 ورهين جي نوجوان سجاد علي پٽ محمد علي سونارو جو ڪمند جي فصل مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي ، اطلاع ملڻ تي آبادگار ٿاڻي جي پوليس نوجوان جو لاش کڻائي سرڪاري اسپتال بلڙي شاھ ڪريم پهچايو ، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان غريب مسڪين آھيون ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي ، اسان جو نوجوان پٽ مال چاريندو هو ، گذريل ڏينهن مال چارڻ لاءِ گهران نڪتو هو جنهن جو اڄ لاش ڪمند جي فصل مان هٿ آيو آهي ، هنن چيو ته اسان جو بيگناھ نوجوان ماريو ويو آهي ، اعلى اختياريون قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪن ، هوڏانهن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي آبادگار ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر غلام حسين سومرو چيو ته نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي ، جنهن ۾ ڊاڪٽرن پاران کيس مٿي ۾ ڪهاڙين سان 2 ڀيرا وار ٿيڻ ڪري موت واقع ٻڌايو ويو آهي هن چيو ته وارث تدفين ڪرڻ بعد ٿاڻي تي اچي ايف آءِ آر درج ڪرائيندا ، وارث واقعي ۾ ملوث جيڪي به جوابدار ڪيس ۾ نامزد ڪيا ته کين گرفتار ڪيو ويندو ، پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي.