ميرپورماٿيلو ( ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجھو مسوواھ مان عورت جو لاش ھٿ آيو آھي، پوليس لاش ڪڍرائي اسپتال پهچايو، عورت جي سڃاڻپ ڳوٺ ڪالو سيال واسڻ 45 ورھين جي ڦولي زال ڀونرو مارواڙي طور ڪئي وئي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ ھو ته عورت جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو، ٻن ڏينھن کان گم ھئي، پوليس جو چوڻ ھو ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.