ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 4 ڪنڀار محله جي مين روڊ تي گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ واري عمل خلاف وارڊ نمبر 4 ڪنڀار محله جي رھواسين جي وڏي تعداد مقصود رستماڻي، نعيم ڪلھوڙو، امير عباس، طفيل جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ تي ٽائرن کي باه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هنن چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا جي لاپرواهي سبب  گٽر اٿلي پوڻ ڪري روڊ گٽرن جي پاڻي سان ڀريل رهي ٿو. جنهن ڪري روڊ تان گذرندڙ ماڻهو سخت عذاب ۾ مبتلا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.