ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مبينا ڪرپشن ۽ قيدين تي تشدد خلاف درخواست رد، عدالت درخواست گذار کي ٻيهر اهڙي قسم جي درخواست داخل ڪرڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ لاءِ خبردار ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مبينا ڪرپشن ۽ قيدين تي تشدد خلاف بسميه نسرين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته  هن ڀيري عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي توهان تي ڏنڊ نه ٿو لڳائجي، جيڪڏھن ٻيھر اھڙي قسم جي درخواست داخل ڪري عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته توھان تي ڏنڊ وڌو ويندو، درخواست گذار جو چوڻ هو ته جيل ۾ وڏي ڪرپشن آهي، قيدين تي تشدد ڪيو پيو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته قانون جي روشني ۾ ٻڌايو ته هيءَ درخواست ڪيئن قابل قبول آهي؟ درخواست گذار چيو ته ان معاملي تي جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي، جاچ ڪرائي وڃي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اسان توهان کي پورو موقعو ڏئي رهيا آهيون، عدالت کي مطمئن ڪيو، درخواستگذار عدالت کي دليلن سان مطمئن نه ڪري سگهي، عدالت درخواست رد ڪندي کيس ٻيھر اھڙي قسم جي درخواست داخل نه ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.