ملير(رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران رمضان جي مهيني ۾ عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ لڳايل بچت بازارن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي سان گڏ ملير جي قائدآباد، ميمڻ ڳوٺ ۽ گلشن حديد جي علائقن ۾ بچت بازارن جو دورو ڪري اگهن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ 28 بچت بازارون لڳايون ويون آهن، بچت بازارن ۾ مرغي جي گوشت سان گڏ گوشت جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن ۽ اٽو، گيهه سميت ٻيون ضروري شيون بچت بازارن ۾ موجود آهن، هن چيو ته سرڪار جي شوگر ملز ايسوسيئشن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جلد کنڊ جي سپلاءِ به شروع ڪئي ويندي، هن چيو ته وڌيڪ اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ جاري ڪيل سرڪاري اگهن کان وڌيڪ قيمت وٺندڙ دڪاندار جا دڪان سيل ڪيا ويندا، ڪمشنر ڪراچي وڌيڪ چيو ته بچت بازارون لڳڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه پڻ گهٽجي ويا آهن، انشالله غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي لاءِ لڳايل بچت بازارون عوام جي لاءِ فائديمند ٿينديون.