ٽنڊوالھيار (رپورٽ: نياز خاصخيلي) ٽنڊوالهيار جي لاڪ اپ ۾ پر اسرار طور فوت ٿيل بابر خانزادي جي ايف آءِ آر فوتي جي ڀيڻ يفرا خانزادي جي فرياد تي قلم 302 _34 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت 7 پوليس اهلڪارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ سي آءِ اي انچارج امتياز ڊومڪي، اي ايس آءِ سي آءِ اي سڪندر علي ڀاڻوجو، ايس ايچ او اي سيڪشن عمران اختر چانڊيو، ڊيوٽي آفيسر اصغر ڀرڳڙي، ون فائيو سپاهي عرفان ڏاهري، سپاهي عماد احمد ۽ سپاهي دلشير کي نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ فوتي جي ڀيڻ موقف اختيار ڪيو آهي، ته ون فائيو جو سپاهي عرفان ڏاهري ۽ هڪ نامعلوم گهر آيا، جن اچي ٻڌايو ته اسان بابر کي گرفتار ڪيو آهي، 10 هزار روپيا ڏيو ۽ بابر کي وٺي وڃو، ٻي صورت ۾ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، فريادتي مطابق اسان پوليس عملدارن کي چيو ته اسان يتيم آهيون، رقم ڪٿان ڏينداسين ته جواب ۾ اهلڪارن چيو ته آفيسرن جو حڪم آهي، ٻي ڏينهن ٻڌايو ويو ته بابر پوليس لاڪ اپ ۾ فوت ٿي ويو آهي، اسان لاڪ اپ پهچي ڏٺوسين ته بابر جو لاش دروازي سان لڙڪيل هو ۽ هن جا پير زمين تي کتل هئا، اسان کي بابر جو لاش ڏسي پڪ ٿي هن خودڪشي نه ڪئي آهي پر کيس قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل 4 پوليس اهلڪارن سڪندر ڀاڻو، عرفان ڏاهري، حماد احمد ۽ دل شير کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٿيل بابر خانزادي جي ايف آءِ آر فوتي جي ڀيڻ يفرا خانزادي جي فرياد تي قلم 302 _34 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت 7 پوليس اهلڪارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ سي آءِ اي انچارج امتياز ڊومڪي، اي ايس آءِ سي آءِ اي سڪندر علي ڀاڻوجو، ايس ايچ او اي سيڪشن عمران اختر چانڊيو، ڊيوٽي آفيسر اصغر ڀرڳڙي، ون فائيو سپاهي عرفان ڏاهري، سپاهي عماد احمد ۽ سپاهي دلشير کي نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ فوتي جي ڀيڻ موقف اختيار ڪيو آهي، ته ون فائيو جو سپاهي عرفان ڏاهري ۽ هڪ نامعلوم گهر آيا، جن اچي ٻڌايو ته اسان بابر کي گرفتار ڪيو آهي، 10 هزار روپيا ڏيو ۽ بابر کي وٺي وڃو، ٻي صورت ۾ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، فريادتي مطابق اسان پوليس عملدارن کي چيو ته اسان يتيم آهيون، رقم ڪٿان ڏينداسين ته جواب ۾ اهلڪارن چيو ته آفيسرن جو حڪم آهي، ٻي ڏينهن ٻڌايو ويو ته بابر پوليس لاڪ اپ ۾ فوت ٿي ويو آهي، اسان لاڪ اپ پهچي ڏٺوسين ته بابر جو لاش دروازي سان لڙڪيل هو ۽ هن جا پير زمين تي کتل هئا، اسان کي بابر جو لاش ڏسي پڪ ٿي هن خودڪشي نه ڪئي آهي پر کيس قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل 4 پوليس اهلڪارن سڪندر ڀاڻو، عرفان ڏاهري، حماد احمد ۽ دل شير کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي رخسار کهاوڙ بابر خانزادي کي بيڏوهي قتل ڪرڻ تي سي آءِ اي ٽنڊوالهيار جي ڊي ايس پي کان علاوه ٻين آفيسرن سميت 35 اهلڪارن کي معطل ڪري لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي.