ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ وزير احمد، مسمات پروين، عباد ۽ گل حسن سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب سھيل، حسنين، مظفر، عظيم، غلام مرتضيٰ ۽ عبدالغفور زخمي ٿي پيا، هوڏانهن ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران سڪندر ۽ امداد ملوکاڻي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.