ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، پسٽل ، گوليون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، هاف فراءِ جا چوٻول، ان ڏس ۾ پوليس موجب ڳوٺ حبيب خان مري موڙ وٽ  باءِ پاس تي جوابدارن جي ٽولي سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ جوابدار وزير علي سولنگي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار روپوش ڏوهاري آھي، جيڪو ڪراچي، ڄامشورو، سانگهڙ سميت ٻين ضلعن ۾ وارداتون ڪندو رهيو آھي، سندس ڏوهي رڪارڊ ھٿ ڪيو پيو وڃي، پوليس موجب جوابدار وٽان هڪ بغير لائسنس پسٽل، گوليون، روڪ رقم ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن چوٻول آهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪيو آهي،