اداڪارا حرا ماني دعا زهرا ۽ ظهير بابت ڏنل بيان تي معافي گهري ورتي

0
257
اداڪارا حرا ماني دعا زهرا

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا حراماني دعا زهرا ۽ ظهير بابت ڏنل پنهنجي بيان تي تنقيد کانپوءِ معافي گهري ورتي. ٻه ڏينهن اڳ حرا ماني انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو هو ته منهنجي دعا آهي ته دعا زهرا ۽ ظهير ڪڏهن ڌار نه ٿين

الله پاڪ منهنجي هيءَ دعا ضرور ٻڌندو. اهڙي بيان کانپوءِ حرا ماني تي سخت تنقيد ڪئي وئي، جنهن بعد هن وڊيو بيان جاري ڪندي پنهنجي ڏنل بيان تي معافي گهري آهي. وڊيو بيان ۾ حرا اعتراف ڪيو ته مون کي خبر نه هئي دعا کي اغوا ڪيو ويو هو

مون کي اها به خبر نه هئي ته هوءَ ننڍي عمر جي آهي، مون کي پنهنجي مڙس ماني معاملو ٻڌايو ته پوءِ علم ٿيو ته دعا زهرا کي اغوا ڪري ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي وئي

هن چيو ته مون کي غلطي ٿي وئي ۽ غلطي مڃڻ ڪا شرم جي ڳالهه ناهي، مان پنهنجي مداحن ۽ دعا زهرا جي والدين کان به معافي گهران ٿي. سندس چوڻ هو ته منهنجي دعا آهي ته دعا زهرا سميت سموريون ڇوڪريون امان ۾ رهن