لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ محمد الياس وڌو ۾ عبدالجبار پٽ عبدالرزاق وڌو مڇي جي کڏ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، جنهن کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث چانڊڪا اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. عبدالرزاق وڌو ٻڌايو ته پٽ ساريالي فصل جو رونبو ڪري رهيو هو ته گرمي سبب ڀرسان مڇي جي کڏ ۾ وهنجڻ لاءِ لٿو ته ٻڏي ويو، رڙين تي ٻين سان گڏجي پٽ پاڻي مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي هو فوت ٿي ويو. هوڏانهن لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.