ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي هڪ  عورت سميت 3 ڄڻن پاران آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش، خبر موجب  ٽنڊوآدم واسي پرڻيل عورت جنا زال رامون ۽ سجاد علي ولد علي ڏنو گهرو اڻبڻت تان زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڳوٺ محبت مري واسي نوجوان زاھد مائٽن کان ناراض ٿي زھريلي جيت مار دوا پي ڇڏي جنهن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم داخل ڪيو ويو آهي.