لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ آپريشن بعد عورت ۽ سندس ڄاول ٻار فوت، وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي مٿان غفلت جو الزام، انصاف جي گهر، سينٽر انتظاميا الزامن  کي رد ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي شهر جي سٽون نمبر واري علائقي واسي عمران ميمڻ پنهنجي گهر واري ريما کي ويم لاءِ شهر جي سچل ڪالوني ۾ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر تي آندو جتي آپريشن بعد عورت ۽ سندس تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويا جنهن تي وارثن سينٽر انتظاميا خلاف دانهيندي چيو ته اسانجي عورت ۽ ٻارڙو اسپتال انتظاميا جي غفلت سبب فوت ٿيا آھن. ان موقعي تي عورت جي مڙس عمران ميمڻ ٻڌايو ته مون پنھنجي گھر واري ريما کي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ويم لاءِ آندو جتي ڊاڪٽر جويريه جتوئي گهر واري جو آپريشن ڪندي رت جون ٻه ٿيلهيون هٿ ڪرڻ جو چيو بعد ۾ اسان رت جون ٿيلهيون هٿ ڪيون ۽ آپريشن ۾ پٽ ڄائو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي اسان کي اين آءِ سي وي ڊي وڃڻ جو چيو ويو جتي وڃڻ شرط ڊاڪٽرن ٻار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ بعد ۾ گهر واري جي حالت خراب ٿي وئي جنهن کي به اين آءِ سي وي ڊي داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو جتي گهر واري کي کڻي وياسين پر ڊاڪٽرن 10 منٽ اڳ ئي سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر جويريه جتوئي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان سينٽر انتظاميا رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت ريما دل جي بيماري ۾ مبتلا هئي کيس سينٽر تي آندو ويو سينٽر ۾ اچڻ کان اڳ عورت کي وارثن ڪراچي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر افشين وٽ کڻائي ويا هئا جنهن عورت کي اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو جيڪا ڳالهه وارثن لڪائي اها ذميواري قبول ڪئي ته عورت کي ڪجهه به ٿيو ته هو پاڻ ذميوار آهن بعد ۾ پنهنجي ذميواري جي ڪري ڊاڪٽر جويريه کان آپريشن ڪرايو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان آپريشن ڪيو پر عورت جو ٻار پيٽ ۾ مان ئي مئل ڄائو ۽ عورت غلط آپريشن نه پر دل جي تڪليف سبب فوت ٿي آهي.