ٽالهي: گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، اسپتالون ڀرجي ويون

0
133
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ٽالهي(ن پ ا) ٽالهي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو، چار ڏينهن ۾ 52 کان به وڌيڪ گيسٽرو جا مريض رجسٽرڊ، خانگي اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون، پي پي ايڇ آئي، بي ايڇ يو پلس سينٽر ٽالهي ۾ گيسٽرو ڊائيريا جي آيل مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿيڻ لڳو چار ڏينهن ۾ 52 کان به وڌيڪ مريض رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، گيسٽرو جي مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿيڻ سبب پي پي ايڇ آئي سينٽر سميت خانگي اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون ۽ گيسٽرو جي مريضن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڊاڪٽر نعمت الله ڪپري جو چوڻ آهي ته چار ڏينهنن اندر 52 کان به وڌيڪ مريض پي پي ايڇ آئي بي ايڇ يو پلس سينٽر ٽالهي ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا جنن جو علاج هلندڙ آهي.