دادو: قتل جو ڏوهه ثابت، ٻن جوابدارن کي موت، هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا

0
151

دادو(ن پ ا) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پيار جي پرڻي تان قتل ڪيل فاروق گاڏهي جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ننگر خان ۽ مجيب الرحمان باهوٽو کي موت جي سزا ۽ غلام حسين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. مقتول فاروق گاڏهي 2017 ۾ اصغر باهوٽو جي ڌي غفوران باهوٽو سان شادي ڪئي هئي، ڪورٽ ميرج کانپوءِ فاروق زال سميت ڪراچي ۾ رهيو، 2020 ۾ علي حسن باهوٽو وٽ فيصلي ۾ فاروق گاڏهي تي 30 لک روپيا ڏنڊ پيو جيڪو هن ادا ڪيو، سال 2020 ۾ ئي ڏنڊ جي رقم وٺڻ بعد فاروق گاڏهي کي دادو ڀرسان جوهي روڊ وٽ کيس قتل ڪيو ويو.