حيدرآباد: ڇانوڻي انتظاميا جو بهترين قدم، قديمي مندر کلي ويو

0
197

حيدرآباد(ن پ ا) ڇانوڻي جي انتظاميا جو بهترين قدم، قديمي مندر کي کولي ڇڏيو، تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار، لمس جي وي سي ڊاڪٽر بيکارام سميت هندو برادري جي اڳواڻن جي شرڪت ڪئي، جي او سي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي رواداري ۽ قومي جذبي تحت قديم مندر کي بهتر بڻائي هندو برادري لاءِ کولي ڇڏيو آهي.
ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 1930ع ۾ هندو برادري جي هڪ خاندان ڄاڻايل مندر قائم ڪيو هو جتي عبادت ڪئي ويندي هئي، مندر جو ڪم ڪينٽ انتظاميا ۽ پاڪ فوج پنهنجي ذمي کنيو هو جن گڏجي مندر کي خوبصورت نموني تعمير ڪرائي پاڪستان جو جهنڊو به لڳائي ڇڏيو آهي، هن چيو آهي ته 2002ع کان پارليامينٽ جو حصو آهيان تڏهن کان ڏسندو پيو اچان ته پاڪ فوج اقليتن جي حقن لاءِ سدائين ڪوششون ڪيون آهن، 1933ع ۾ قائم مندر بعد ۾ ختم ٿي ويو هو پر 25 کان 40 خاندان رهائش پذير هئڻ سبب ٻيهر پاڪ فوج مندر جوڙايو آهي، ڇانوڻي جي انتظاميا جي مثالي ڪم سان هندو برادري پرامن جاءِ تي پوڄا پاٺ ڪري سگهندي ان لاءِ سمورا ماڻهون جس لهڻن.