ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي جي واهن بمبلي مائينر، لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچي سگهيو، آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان منڍ جا بااثر زميندار لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ لڳا، بمبلي مائينر جي آرڊي 19 خانپور مهر کان آرڊي 62 شاهپور تائين هر واٽر ڪورس تي لفٽ مشينون لڳل آهن. آبادگارن حاجن مهر، اعجاز مهر، علي احمد مهر ۽ ارباب راڄڙ احتجاج ڪندي دانهيو ته آبپاشي عملدارن رشوت وٺي شاهپور وٽ بمبلي مائينر جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، منڍ جي هر واٽر ڪورس تي لفٽ مشينون بيٺل آھن ، جنهن ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي ناهي آيو مسڪين ماروئڙن جو چوپايو مال به اڃ مرڻ لڳو آهي، هزارين ايڪڙ زمينون بنجر پيل آھن نوٽيس وٺي پاڻي وڪرو ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين. هوڏانهن آبپاشي سروير اعجاز جتوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪوشش ڪري بمبلي مائينر جي پڇڙي کي ويهه مئي تائين پاڻي پهچايو ويندو.