دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري ويجھو ڳوٺ محمد بخش لغاري ۾ سرڪاري اسپتال جي عمارت تي بااثرن مبينا طور قبضو ڪري مال جي واڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي،2007 ۾ ان وقت جي صوبائي وزير نادر اڪمل خان لغاري طرفان ڪروڙين روپين جي لاڳت سان بيسڪ ھيلٿ سينٽر تعمير ڪرايو جنھن کي بااثرن مال جي واڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته اسپتال کي بااثر شخص واحد بخش لغاري چوپائي مال جي ڀاڻي ۾ تبديل ري اتي چوپايو مال ٻڏي ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري جي ڀرپاسي جا هزارين ماڻهو 15 سالن کان صحت جي سهولت کان محروم آھن بيسڪ ھيلٿ سينٽر 2007 ۾ تعمير ٿيو جنھن کان وٺي ھن مھل تائين غيرفعال بڻيل آھي ھن حوالي سان ڊي ايڇ او گھوٽڪي ڊاڪٽر رزاق مرڻاس جو چوڻ آھي ته اسپتال کي تعمير ٿيڻ کان پوءِ صحت کاتي حوالي ئي نه ڪيو ويو، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان 8 ڪمرن تي اسپتال بلڊنگ کاتي جي نا اھلي جي ڪري تباھ ٿي رھي آھي اسپتال جي عمارت بلڊنگ کـاتي صحت کاتي جي حوالي ناھي ڪئي وئي ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل واحد بخش لغاري سان بار بار رابطي جي ڪوشش باوجود رابطو نه ٿي سگھيو آھي