ٺل ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو، هڪ ٻارڙو فوت

0
237

ٺل (ن پ ا) ٺل تعلقي ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو، شهر جي نيو شيخ محلي جو 5 ورهين جو جان محمد ولد خيرالدين شيخ ارڙي سبب فوت ٿي ويو، جنهن بعد تعلقي اندر ارڙي وگهي فوتين جو انگ وڌي 37 ٿي ويو، صحت کاتي پاران ڪو به وارڊ نه کولڻ جي ڪري ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جي بچاءُ واري ويڪسين نه ٿي سگهي.