ٺري ميرواھ (ن پ ا) بلاول واھ کي 15 فوٽ گهارو، 30 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. تفصيل موجب ٺري ميرواھ ويجهو ڳوٺ الھه آباد لڳ بلاول واھ کي اوچتو 15 فوٽ گهارو پئجي ويو، نتيجي ۾ 30 ايڪڙ ايراضيءَ تي پوکيل جوئر، ڪمند ووئڻن جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. بعد ۾ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽن ڪلاڪن بعد گهارو بند ڪري ورتو. مقامي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن آبپاشي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واھ جا بند مضبوط ڪري فصلن کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.