وارهه (ن پ ا)وارهه ۾ ڌيءُ جي مبينا اغوا خلاف ماءُ جو پٽ سان گڏجي احتجاج، بازيابي جو مطالبو ، وارهه شھر جي شمن پاڙي جي رهواسڻ پرائمري استاد بدرالنساء ابڙو پنهنجي پٽ مجاهد ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب پهچي دانهيو آھي ته سندس 16 ورهين جي ڌيءُ بختاور ابڙو کي رستم چانڊيو، سراج چانڊيو، حاجن چانڊيو   ابراهيم چانڊيو ۽ ٻيا  اغوا ڪري زبردستي رستم چانڊيو سان  نڪاح ڪرايو آھي ۽ عدالت مان کانئس بيان ڏياريا آھن. هن چيو ته ڌيءُ خوف ۾ بيان ڏنو آھي پر نڪاح ناهي ڪيو بدرالنساء ابڙو چيو ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس کين گرفتار نه پئي ڪري احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته جوابدار ڌر بااثر آھي هنن وس وارن کان ڌيءُ جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو.