ٺارو شاهه واسي نوجوان پاران بجلي جا ڳرا بل اچڻ تي سيپڪو آفيس ۾ آپگهات جو چتاءُ، وڊيو وائرل

0
199

ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺارو شاهه واسي نوجوان بجلي جا ڳرا بل اچڻ تي سيپڪو آفيس ۾ آپگهات جو چتاءُ ڏنو آھي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي، وقار کوکر وڊيو بيان ۾ چيو آھي تھ بجلي جا ڳرا بل اچڻ سبب اڄ مان زندگي جو انت آڻيندس، وارثن لاءِ ھُن نياپو ڏنو آھي تھ ڳرا بل موڪلي جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، سيپڪو عملدارن کي نه ڇڏجو، نوجوان پاران سيپڪو آفيس ۾ روئيندي ٺاهيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي، جنھن کانپوءِ وارث سخت پريشان ٿي ويا.