مشھور شاعرا ۽ پروڊيوسر اسماء نبيل لاڏاڻو ڪري وئي

0
402

ڪراچي (شوبز نيوز) مشھور شاعرا ۽ پروڊيوسر اسماء نبيل لاڏاڻو ڪري وئي آھي، ليکڪا جي موت جي خبر ان جي فيس بُڪ اڪائونٽ ذريعي ڏني وئي، پوسٽ موجب ليکڪا جي جنازي نماز اڄ 2 وڳي ادا ڪئي ويندي، اسما نبيل تازو جنريشن ايڪس علي ذيشان جي بريسٽ ڪينسر مھم 2021 جو حصو بڻي ھئي، ميڊيا رپورٽس موجب اسماء نبيل کي 7 سال اڳ بريسٽ ڪينسر جي تشخيص ٿي ھئي اڄ ھوءَ ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي آھي.