ڪنڌڪوٽ: سنڌ جي وڏي وزير جي ڪنڌڪوٽ آمد وقت گولا موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي مغوي نينگر فرحان سومرو جي وارثن روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ۽ وڏي وزير جي گاڏي روڪي ورتي، ان دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گاڏي مان لهي مغوي نينگر جي وارثن سان ڳالهايو ۽ کين خاطري ڪرائي ته مغوي نينگر کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، جنهن بعد وارثن روڊ کولي ڇڏيو.