لاهور (م ڊ) هلندڙ سال آگسٽ جي مهيني ۾ 2 سپر مون نظر ايندا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سپر مون جو پهريون نظارو پهرين آگسٽ تي ٿيندو، ان رات چنڊ ڌرتيءَ کان رڳو 357,530 ڪلوميٽر پري هوندو، جنهن جي ڪري چنڊ معمول کان وڌيڪ وڏو ۽ صاف نظر ايندو. هن ڏينهن چنڊ ​​۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ فاصلو رڳو 357,344 ڪلوميٽر هوندو، ان کي ماهرن ”بلو مون“ جو نالو ڏنو آهي. ماهر فلڪيات جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو نظارو 2018 جي ​​شروعات ۾ ڏٺو ويو هو جڏهن هڪ ئي مهيني ۾ ٻه ڀيرا مڪمل سپرمون آسمان تي ڏٺا هيا هئا. اهو نظارو هاڻي 2037 ۾ ٻيهر ڏٺو ويندو. واضح رهي ته هلندڙ سال جو پهريون سپر مون جولاءِ ۾ ڏٺو ويو هو جڏهن ته چوٿون ۽ آخري سپر مون سيپٽمبر ۾ نظر ايندو.