ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا، مزار قائد کان کارادر تائين عزادارن جو سمنڊ، يا حسين عه  جون صدائون بلند، مختلف ھنڌن تي سبيلون سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ، ان ڏس ۾ يوم عاشور تي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، تعزين، علم پاڪن، سيجن ۽ جھولن سان ماتمي پڙ برآمد ٿي نشتر پارڪ جي مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيا، جتان مرڪزي جلوس علي رضا امام بارگاھھ کان ٿيندو تبت سينٽر تي پھتو، جتي ٻنپھرن جي نماز ادا ڪئي وئي، بعد ۾ سينا زني ڪئي وئي، ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ ۽ رينجرزآفيسرن انتظامن جو جائزو ورتو،  سندن اڳواڻي ۾ نڪتل جلوس پرامن طريقي سان امام بارگاھھ حسينھ ايرانيھ کارادر  تي نھر ٿيو، ان موقعي تي شام غريبان پڻ ٿي، ماتمي جلوس جي رستي ۾ مختلف ھنڌن تي سبيلون لڳائڻ سان گڏ  نياز  جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو، جلوس ۾ وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ بزرگ شريڪ ھئا، ھئا، جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جا ماھر شوٽر وڏين وڏين عمارتن تي مقرر ڪيا ويا ھئا، جڏھن تھ جديد ڪيميرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي وئي، جلوس جي برآمد ٿيڻ کان اڳ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کان سرچنگ پڻ ڪرائي وئي،