وھم ۽ وسوسا

0
201
خوشي

انسان ڀلي ڌرتيءَ جي گولي تي ٻين سڀني مخلوقات کي پنھنجي عقل، فھم ۽ باھمي تعاون وسيلي مات ڏئي اشرف المخلوقات بڻجي چڪو هجي؛ يا وري زمين جي پاتال ۾ دفن ٿيل معدنيات ۽ ھيرن جواھرن جي خزانن تائين رسائي حاصل ڪري چڪو ھجي؛ يا وري فضائن جي بلندين تي F-16 ۽ ڪنڪورڊ ھوائي جھازن کي اڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو ھجي؛ يا وري سمنڊن جي اٿاھه اوناھين ۾ آبدوزن وسيلي پير پائي چڪو ھجي؛ يا وري فضائن کان اڳتي نڪري خلائن ۾ اپالا ڊوڙائي ۽ خلائي اسٽيشنون قائم ڪري چُڪو ھجي؛ يا وري ڌرتي جي حدن کي اورانگهي چنڊ تي پنهنجا قدم رکي چڪو ھجي؛ يا وري چنڊ کان به اڳتي وڌي مريخ تائين رسائي حاصل ڪري چڪو ھجي پر پوءِ به اڄ توڙي ھر دور ۾ ھن جو ذھن وھمن ۽ وسوسن کان مڪمل طور آجو ٿي نه سگهيو آهي.

                 وھم ۽ وسوسا ھڪ پاسي انساني ارتقا جي ابتدائي ھزارن ۽ لکن سالن تي محيط سندن خوفن ۽ خطرن سان ڀرپور زندگي، سندن بقا ۽ موت جي ڪشمڪش ۽ سندن ڪھاڻين گھڙڻ ۽ ٻڌائڻ جو تسلسل آھن، ته ٻئي پاسي وري وھم ۽ وسوسا سندن زميني ۽ جاگرافيائي حالتن، مجموعي سماجي ترقي ۽ سماجي نظرين جي پيداوار پڻ آهن. اھو ھڪ عام مشاھدي جو لقاءُ آهي ته جنهن سماج جا ماڻهو جيترا گھٽ تعليم يافته ھوندا آھن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي پيل ھوندا آھن ۽ معاشي طور ڪمزور ھوندا آھن، اھي اوترا ئي وھمن وسوسن ۽ مذھبي جنونيت ۾ وڌيڪ جڪڙيل ھوندا آھن. پر ان جو اھو مطلب ھرگز نه آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻي ڪندڙ ۽ معاشي طور مضبوط ۽ سپر پاور ملڪن جا ماڻهو وھمن وسوسن کان پاڪ ھوندا آھن. ڇو ته اوائلي دؤر جا ڪجھه خوف جھڙوڪ خونخوار شڪاري جانورن جا حملا، سور ۽ تڪليف جو احساس، اوچائي تان ڪرڻ جو ڊپ ۽ تيزي سان پاڻ ڏانهن ايندڙ شين جا خوف لکن سالن تائين ارتقا ڪندي انسان جي جين ۾ شامل ٿي چڪا آھن ۽ اھي اسان جي جبلت بڻجي چڪا آھن؛ ٻيو ته اسان جا افسانوي ذھن اڃان تائين مسلسل ڪھاڻيون گھڙيندڙ آھن، ان ڪري اسان جو وھمن وسوسن کان مڪمل ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي. ھاڻي اچو ته مٿين وھمن وسوسن جي ھر ھڪ قسم جي پيرائتي وضاحت ڪريون.

اسان جا وھم ۽ وسوسا اسان جي لکن سالن تائين پکڙيل جذبن جي ارتقا ۽ ابتدا سان سلهاڙيل آهن. انساني جذبا جھڙوڪ ڪاوڙ يا ٻئي ساٿيءَ سان اختلاف ڪرڻ، ھمت يا ٻئي سان وڙھڻ ۽ ان تي غالب ٿيڻ جو ست سارڻ، ڊپ يا ٻئي سان مقابلي جي صورت ۾ ناڪاميءَ جي خيال جو غالب ٿيڻ، فرار يا مقابلو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ، پيار يا نسل وڌائڻ لاءِ مخالف جنس ۾ پنھنجا جين منتقل ڪرڻ وغيرہ جا جذبا انسانن توڙي ٻين جانورن ۾ لکين سالن جي ماحولياتي محرڪن ۽ انھن جي ردعملن جي مشروط تعليم ۽ ارتقا جا نتيجا آھن. اھي جذبا اصل ۾ اسان انسانن ۽ جانورن جي دماغ ۾ کربين نيورانن جي لاڳاپن ۽ برقي فائرنگ جو حساب ڪتاب ڪرڻ جا الگورٿم وارا نظام آھن. اھي جذبا اسان توڙي ٻين جانورن لاءِ مختلف حالتن ۾ پنھنجي زندگيءَ کي جاري رکندڙ ۽ سندن بقا جا اثاثا آھن. ان ڪري ڊپ کي اسان مڪمل طور رد نه ٿا ڪري سگهون. ڪيترين ئي حالتن ۾ خوف جو ھجڻ اسان لاءِ ھڪ دفاعي نظام جوڙي ٿو جيڪو اسان کي انيڪ خطرن کان محفوظ رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسان جو يا ڪنھن ٻئي جاندار جو داخلي ڊپ وارو جذبو جڏھن خارجي ماحول جي خطرن سان ھم آهنگ نه ھجي پر ان جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي ته پوءِ اھو ڊپ وھم ۽ وسوسي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.

انسانن جي تصوراتي ڪھاڻيون گھڙڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاڙي جا پيرا اسان جي وقوفي انقلاب ڏانھن وڃن ٿا. تقريبن ٻارنھن ھزار سال اڳ اسان جا آبائي نسل زبان جي آوازن کي لفظن ۽ ٻوليءَ جو روپ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا جنھن اڳتي هلي علامتي اظهار جي نشانين وسيلي لکت جو روپ ورتو. ان علامتي اظهار ۽ ٻولي وري انساني تاريخ ۾ وقوفي انقلاب برپا ڪيو ۽ ماڻھو دنيا جهان، زندگيءَ ۽ زندگيءَ کي لاحق خطرن بابت فرضي ۽ تصوراتي ڪھاڻيون گھڙڻ ۽ ٻڌائڻ لڳا. ھڪ پاسي تصوراتي ڪھاڻين جھڙوڪ مذھب، روح، ناڻو، قوم، ملڪ ۽ حب الوطني جي تصورن جي ڪري اجنبي انسانن جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جا رويا پيدا ٿيا جنھن جي نتيجي ۾ انسانن ڌرتيءَ جي گولي تي ٻين طاقتور جانورن تي غلبو حاصل ڪيو. ٻئي پاسي وري انھن جي تصوراتي دنيا ۾ وھمن ۽ وسوسن پڻ پنھنجون پاڙون پختيون ڪيون.

وھم ۽ وسوسن متعلق ڪھاڻيون گھڙڻ ۽ ٻڌائڻ ھڪ لحاظ کان ثقافتي پڻ آھي يعني ھڪ ئي وقت ۾ ڪنھن شيءَ يا لقاءُ جي باري ۾ مختلف ثقافتن ۾ مختلف ڪھاڻيون موجود ھونديون آھن. مثال طور اسان جي برصغير (ھندوستان ۽ پاڪستان) ۾ چٻرو ھڪ نڀاڳو پکي سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري اسان جي ماڻھن سندس نالو ئي چٻرو رکي ڇڏيو آھي. ھڪ چٻرو جيڪڏهن ڪنھن سائي وڻ يا آباد گھر تي ويٺل ڏٺو ويندو آهي ته ھتان جا ماڻھو ان وھم ۾ وٺجي ويندا ته اھو سائو ۽ سرسبز وڻ يا آباد گھر اجڙي ويران ٿي ويندا. پر اھو ساڳيو چٻرو اڏامندي برصغير مان يورپ جي ڪنھن ملڪ ۾ پھچندو ته اتي جا ماڻهو ان کي خوبصورت، “رات جو شھزادو” ۽ ڀاڳ وارو پکي سمجھندا. اتي جا ماڻھو ھن پکي جون تصويرون خوبصورتيءَ ۽ ڀاڳ جي علامت طور پنھنجن گھرن اندر لڳائيندا آهن. ھڪ سلجھيل ۽ شعور وارو ماڻهو يقينن ھنن مختلف ڪھاڻين مان اھو ڀلي ڀت نتيجو ڪڍي سگهي ٿو ته نڀاڳ يا سڀاڳ چٻري ۾ نه پر ماڻھن طرفان جوڙيل ھٿ ٺوڪين ثقافتي ڪھاڻين ۾ آھي جيڪي ماڻھن جي ذھنن ۾ اھڙا ھٿراڌو تصور ۽ انھن تي اھڙو اعتقاد جوڙين ٿيون.

وھم ۽ وسوسن متعلق زميني ۽ جاگرافيائي حالتون پڻ مخصوص ڪھاڻين کي جنم ڏينديون آھن. مثال طور قديم زمانن کان زراعت جو ڌنڌو برصغير جي ماڻھن جو جياپو رهيو آھي. انھن جي زمينن لاءِ پاڻي ھر وقت ميسر ڪونه ھوندو ھو انڪري اھي سال ۾ فقط چيٽ جو ھڪ فصل پوکي سگھندا ھئا جنھن لاءِ اھي وقتائتي دريائي يا برساتي پاڻي جو انتظار ڪندا ھئا. بي وقتائتو مينھن يا ڳڙو سندن فصل تباھه ڪري ڇڏيندو هو. جيئن ته اھي پنھنجن زمينن کي کيڙڻ لاءِ ڍڳن کي استعمال ڪندا ھئا ۽ ڍڳن جي نسل کي جاري رکڻ سندن بقا ۽ جياپي کي جاري رکڻ برابر ھو، ان ڪري انھن ڍڳين جي نسل کي جاري رکڻ لاءِ مذھبي رنگ ڏئي ماءُ برابر “گائي ماتا” جو درجو ڏنو ويو ۽ انھن کي ڪھڻ کان روڪيو ويو. اھڙيءَ ريت ڳئون جي پوڄا شروع ڪئي وئي ته جيئن کيتي باڙي ۽ بار وغيرہ ڍوئڻ لاءِ ڍڳن ۽ کير، مکڻ ۽ لسيءَ لاءِ ڳئون جي دستيابي ۾ ڪنھن قسم جي رڪاوٽ يا گھٽتائي نه اچي.

ھاڻي اچو ته اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڪنھن علائقي ۾ ھڪ جانور جھڙوڪ سوئر ھڪ غليظ ترين ۽ حقارت جي آخري حد کي ڇھندڙ ۽ نفرت جي قابل ڇو ٿو بڻجي، ته وري اھو ساڳيو جانور ٻئي علائقي ۾ ھڪ پيارو ۽ پالتو جانور ڪيئن ٿو بڻجي؟ برصغير توڙي وچ اوڀر جي عرب علائقن ۾ سوئر يا مرون کي نفرت جي قابل جانور طور سمجھيو وڃڻ جو ڇيد ڪنداسين ته اسان کي اھو معلوم ٿيندو ته اتي اڪثر ڪري دريائي يا باراني زمين تي پاڻي ۽ برسات گھٽ ھجڻ سبب سڄي سال ۾ فقط ھڪ فصل پوکيو ويندو آهي. ان جي پوکائي کان وٺي لاباري ۽ ڳاھه ڳاھڻ تائين برساتن، طوفانن ۽ ٻين قدرتي آفتن جي ڪري ان فصل جي نقصان جو انديشو رھندو آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اھو نقصان ٿيندو پڻ آهي. اھڙي صورتحال ۾ ان فصل ۾ ڄڻ ته ھارين ۽ آبادگارن جو ساھه ھوندو آھي ڇو ته اھو ئي سندن جياپي جو واحد وسيلو ھوندو آھي. ھاڻي جيڪڏھن ڪجھه سوئر يا مرون ڪنھن طرح سان ان فصل ۾ ڪاھي پون ته يقينن ان فصل جو ٻيڙو ئي ٻڏي ويندو ڇو ته اھو جانور نه رڳو تمام گهڻو ٻوٽاخور آھي پر فصل جي ڀيل پڻ تمام گهڻي ڪندو آهي. ان ڪري هن علائقي جي ماڻهن ۾ سوئر جي خلاف ڪاوڙ ۽ نفرت جو پيدا ٿيڻ بلڪل ھڪ فطري عمل آهي. ٻئي پاسي يورپ ۾ يا اھي علائقا جتي ھفتي جا اڪثر ڏينهن برسات وسندي آهي، جتي ھر ھنڌ ساوڪ ۽ گاھه ھوندو آھي، جتي زمين جو ڪو به ٽڪرو وڻن، ٻوٽن ۽ گاھه کان خالي نه ھوندو آھي اتي سوئر يا مرون لاءِ کاڌو يا گاھه اڻميو ميسر ھوندو آھي. ان ڪري ھڪ پاسي اتان جي فصلن کي سوئرن کان ڪو خاص خطرو نه هوندو آهي ته ٻئي پاسي وري سوئرن جي گھڻائي جي ڪري انھن کي پاليو پڻ ويندو آهي ۽ انھن جو گوشت پڻ کاڌو ويندو آھي. انھن علائقن ۾ اتان جي رهاڪن ۾ سوئر جي خلاف ڪاوڙ يا نفرت جا جذبا پيدا ئي نه ٿي سگهيا آھن جنھن ڪري انھن لاءِ سوئر ھڪ پيارو ۽ لذيذ گوشت فراھم ڪندڙ جانور سمجھيو ويندو آھي.

مجموعي سماجي ترقيءَ سان لاڳاپيل وھمن وسوسن جي حوالي سان جيڪڏهن ميسر معلومات جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته اھو معلوم ٿيندو ته ٽئين دنيا، جنھن ۾ پاڪستان (توڙي جو ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي پر ان جي اڪثر آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري ٿي ۽ انھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام، صحت، تعليم، روزگار ۽ انصاف جون بنيادي سهولتون ميسر ناهن) پڻ اچي وڃي ٿو، جا اربين ماڻھو مختلف قسمن جي وھمن وسوسن ۾ جڪڙيل آھن. اھڙن ملڪن جا سماجي نظام بدعنواني جو شڪار ۽ تباھه ٿيل ھوندا آھن؛ اتان جي معيشت ڪمزور ھوندي آھي ۽ افراط زر جي شرح تمام گھڻي ھوندي آھي؛ عوام جي اڪثريت اڻپڙھيل ھوندي آھي؛ تعليمي توڙي ٻيا ادارا تباھه ھوندا آھن. اھڙي صورتحال ۾ اتان جي ماڻھن جو حڪومتي ادارن تان ويساھه کڄي ويندو آھي ۽ اھي پنھنجي نفسياتي تسڪين لاءِ مذھبي وردن ۽ وظيفن، ڌاڳن ۽ ڦيڻن، دعائن ۽ ٽوٽڪن، پاڙھن ۽ پنڊتن مان بھتري ٿيڻ جي وھمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل ھوندا آھن! توھان اسان جي پياري پاڪستان جا شھر ۽ ڳوٺ گھمي ڏسو توھان کي ڪو به اھڙو شھر يا ڳوٺ نظر نه ايندو جتي اھڙي قسم جا وھم ۽ وسوسا نه ھجن!

وھمن ۽ وسوسن کان مڪمل طور بچڻ ته ڪنھن بني بشر جي وس ۾ نه آھي پر پوءِ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرو ٿيڻ سان، ملڪ مان بدعنواني ۽ ڪوڙ جي ڪٽ کي ڪوري ڪڍڻ سان، انصاف ۽ ميرٽ کي ھر حال ۾ ترجيح ڏيڻ سان اسان پنھنجين زندگين کي گھڻي حد تائين وھمن ۽ وسوسن کان آجو ڪري سگھون ٿا.