ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن پاران ھو جمالو پروگرام دوران ڇڪتاڻ، جمعيت جي ڪارڪنن ڀڃڊاهه ۽ تشدد ڪري پروگرام ملتوي ڪرائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي عبدالحق ڪيمپس ۾ سنڌي شاگردن پاران ھو جمالو پروگرام ڪرڻ تي جمعيت جي شاگردن حملو ڪري پروگرام بند ڪرائي ڇڏيو، شاگردن هڪٻئي تي ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ رينجرز پهچي وئي، جڏهن ته انتظاميا يونيورسٽي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، جمعيت جي ڪارڪنن سنڌي شاگردن کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته هتي اهڙا پروگرام ڪرڻ نه ڏينداسين،