راڻيپور: درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين خواجه عبدالحق انڪشاف ڪيو آهي ته انتهاپسندن کان خطري سبب پرڏيهه هليو ويو هئس. گذريل ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس دوران هن اعتراف ڪيو ته مون کي انتهاپسندن وٽان ٿريٽ ملي رهيا هئا، جنهن جي ڪري چار سال ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو. ان جي باوجود آئون خاموش نه ويٺس. اقوام متحده جي پليٽفارم تي صوفي ازم جي پرچار ڪندو رهيس. ماروئڙن جون ڏک تڪليفون ڏسي واپس موٽي آيو آهيان. سندن ڏنل پيار کي وساري نٿو سگھجي.