راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) درگاھ حضرت سچل سرمست جي گادي نشين اوقاف کاتي ۽ سچل يادگار ڪاميٽيءَ مٿان بي اعتمادي ظاهر چيو آهي ته سچل سائينءَ جو مقبرو زبون ٿي چڪو آھي، ڪنھن به وقت ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. درگاھ سچل سرمست جي گادي نشين خواجه عبدالحق فاروقي پرڏينهن مان واپسيءَ بعد درازا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو ته ٻن هفتن کان پوءِ حضرت سچل سرمست جو عرس مبارڪ ٿي رهيو آهي پر درگاهه وڏي عرصي کان زبون حال بڻيل آهي. گذريل پنجن سالن کان درگاھ تي ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آھي. درگاھ جي سيڪيورٽي به مذاق بڻجي وئي آھي. الله نه ڪري قلندر شهباز، درگاھ نوراني يا درگاھ فتح پور وانگر ڪو وڏو حادثو ٿي پوي ته پوءِ درگاھ سچل جو مقبرو ٺهرائيندا؟ هن جو چوڻ هو ته دهشت گردن کان گهٽ خطرو گهٽ آهي پر زبون حال مقبري سبب ڪنهن به وقت ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. خواجه عبدالحق فاروقيءَ وڌيڪ چيو ته اوقاف کاتو نالي ماتر ادارو آهي، جنهن جي عملدارن کي صرف درگاهن جي پيٽين مان مال ميڙڻ سان دلچسپي آهي. درگاھ تي ڪوبه ترقياتي ڪم نٿو ڪرايو وڃي. ان ڪري زائرين کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. درگاھ جي بجلي ۽ گئس جو بل به ادا نٿو ڪيو وڃي. درگاھ جي بجلي بند آهي. سيڪيورٽي جو سسٽم پڻ ناڪاره بڻيل آهي، سي سي ٽي وي ڪئميرائون بند آهن. پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي موجود ناهن. هن چيو ته عرس مبارڪ تي رڳو ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ ڪرائڻ ئي ڪافي ناهي، زائرين کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لازم آهي. هن جو چوڻ هو ته سچل يادگار ڪاميٽي جو ڪم به صرف فنڊ هڙپ ڪرڻ آهي. ڪانفرنس کان علاوه ٻيو ڪم نٿي ڪري ته ان کي ختم ڪرڻ ئي بهتر آهي. هن چيو ته اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪجهه سهولتون فراهم ڪيون ويون. جڏهن ته موجوده وڏي وزير مراد علي شاهه درگاهه سچل کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.