وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس مسلسل ٽيون ڀيرو ملتوي ڪري ڇڏيو

0
125

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس مسلسل ٽيون ڀيرو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

وزيراعظم عمران خان کي اڱاري 8 مارچ تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪرڻي هئي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سڀاڻي ٿيڻ وارو وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس موجوده سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي بي اعتمادي واري رٿ تي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

ان کان اڳ گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي اشارو ڏنو هو ته اڱاري تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس شايد نه ٿي سگهي

ھي به پڙھندا

جمهوري حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، چورن جي ايجنڊا ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم