جمهوري حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، چورن جي ايجنڊا ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم

0
184
وزيراعظم قومي سلامتي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جا وڏا وزير، وفاقي وزير ۽ صلاحڪارن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پارلياماني معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني

اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي، بي اعتمادي رٿ خلاف نمبرز ۽ اتحادين سان رابطن بابت مشاورت ڪيا ويندا

پي ٽي آءِ ڪورڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال جوجائزو به ورتو ويو ۽ ڏکڻ پنجاب صوبي جو بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن جي ايجنڊا ناڪام بڻائينداسين، اپوزيشن بي اعتمادي جو شوق ڀلي پورو ڪري، اسان جي تياري مڪمل آهي

عمران خان چيو ته جمهوري حڪومت  کي ڪو به خطرو ناهي، اهي چوري ٿيل پئسن سان انقلاب نٿا آڻي سگهن

اجلاس ۾ وزيراعظم پاران قانوني ۽ پارلياماني ٽيم کي ڏکڻ پنجاب صوبي جي بل جي تياري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

اپوزيشن ناڪام ٿيندي، هارائيندا ته چوندا ٿرڊ امپائر هارايو آهي: شيخ رشيد