اپوزيشن ناڪام ٿيندي، هارائيندا ته چوندا ٿرڊ امپائر هارايو آهي: شيخ رشيد

0
182
وزيراعظم چورن کي شڪست

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر کي بي اعتمادي واري رٿ ۾ ناڪامي ٿيندي، اپويزيشن کي عدم اعتماد جي لاءِ 172 ماڻهو آڻڻا آهن، هارائيندا ته چوندا ته ٿرڊ امپائر هارايو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پشاور ڌماڪي ۾ ملوث نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، 6 جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، پرڏيهي طاقتون پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهين ٿيون

شيخ رشيد چيو ته اسان کي ڪنهن به مارچ سان ڪو مسئلو ناهي، مان اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته هي 23 مارچ تي لانگ مارچ نه ڪندا، 23 مارچ تي جي 10 سي جا جديد جهاز فلاءِ پاسٽ ڪندان

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان آزاد پرڏيهي پاليسي هلائي رهيو آهي، دنيا ۾ عالمي جنگ جا خطرا آهن، توهان ملڪ ڪيئن هلائيندئو، جيلن مان بچڻ وارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پيپلزپارٽي جي مارچ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه ايندي

هن چيو ته الله تي ڀروسو آهي، وزير اعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ عمران خان گهر نه ويهندو

 وفاقي گهرو وزيروڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان پهريون ڀيرو سامراج خلاف پرڏيهي پاليسي جوڙي آهي، ملڪ جي بهتري لاءِ اپوزيشن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن