”جھالت جي انتھا“ پٽ نه ٿيڻ تي وحشي جوابدار7 ڏينهن جي ٻارڙيءَ کي ماري ڇڏيو

0
217
جهڏو ۾ هٿياربندن

ڪراچي (م ڊ) جھالت جي انتھا ٿي وئي، ميانوالي ۾ پٽ جي اولاد نه ٿيڻ تي وحشي جوابدار پسٽل جو فائر ڪري ست ڏينهن اڳ ڄاول معصوم نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس موجب واقعو محلا نورپورا ۾ پيش آيو، جتي 7 ڏينهن جي ٻارڙي کي سندس پيءُ قتل ڪري ڇڏيو، ڇو ته هن کي پٽ جي خواهش هئي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي

عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن نيلوفر بختيار چيو آهي ته پيءُ 7 ڏينهن جي ٻارڙي کي ان ڪري قتل ڪيو ڇو ته هو پٽ چاهي پيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ هر حد تائين وينداسين

نيلوفر بختيار جو چوڻ آهي ته انساني حقن خاص ڪري عورتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ تمام ضروري آهي