ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ شهر ۾ معمولي ڳالهه تان پٺاڻ ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو. لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 6 ڄڻا عبدالجبار چانڊيو، يار محمد چانڊيو، الطاف چانڊيو، محمد اعظم چانڊيو ۽ ٻئي ڌر جا مير زمان پٺاڻ ۽ جمع خان پٺاڻ زخمي ٿي پيا جن کي شهرين کڻائي اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ٻنهي ڌرين جا ھڪ ٻئي مٿان حملي ڪرڻ جا الزام. ورڪشاپ پوليس زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ کين ميڊيڪل ليٽري جاري ڪري سول اسپتال سانگهڙ روانو ڪري ڇڏيو. ڪيس داخل نه ٿيو.