لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(نواز) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت قوم جي مستقبل  سان کيڏڻ بجاءِ استعيفيٰ ڏئي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ مهيني واپاري خسارو رڪارڊ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيڻ معاشي تباهي جي نشاني آهي ۽ موجوده مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ واپاري خسارو رڪارڊ 20 ارب 648 ملين ڊالر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڊالر 180 روپين کان مٿي ٿي ويو جڏهن ته مهانگائي اڃا وڌي رهي آهي. حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۾ واڌ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. شهباز شريف چيو ته واپاري خساري ۾ رڪارڊ اضافوامپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ بهتري نه اچڻ جو ثبوت آهي ۽ هينئر تائين حڪومت مهانگائي جو پاڻ اعتراف ڪري رهي آهي. هن چيو ته ناڻي وارو صلاحڪار ڪڏهن مهانگائي ۾ گهٽتائي ته ڪڏهن وري واڌ جا تڪراري بيان ڏئي رهيو آهي. ڪڏهن چيو ويندو آهي ته پاڪستان سڀ کان سستو ملڪ آهي ته ڪڏهن وري سڄو ملبو عالمي حالتن مٿان وڌو ويندو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته مني بجيٽ مڙهڻ ۽ قوم جي مستقبل سان کيڏڻ جي بجاءِ حڪومت استعيفا ڏئي.